SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عربي سنڌي رسم الخط


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

عربي سنڌي رسم الخط

(Arabic-Sindhi Script)

سنڌي زبان کي ھڪ معياري رسم الخط اھي، جنھن کي ”عربي ــ سنڌي رسم الخط“ چيو وڃي ٿو. سنڌي عربي الف-ب 16 صديءَ کان پنهنجا ارتقائي مرحلا طئه ڪندو رهيو ۽ 17 صديءَ ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (1661-1711ع) جي جوڙيل رسم الخط کان انگريزن جي دور تائين مختلف روپ اختيار ڪيا ۽ آخر ۾ 1853ع ۾ هڪ مڪمل ۽ جديد شڪل ۾ رائج ٿي ويو. عربي رسم الخط سنڌ ۾ صدين کان هلندڙ آهي. اھو رسم الخط پوري اسلامي دنيا جي ٻولين جي رسم الخطن کان تاريخي طور قديم اھي. سنڌي رسم الخط خالص عربي رسم الخط تان ورتو ويو اھي. ان جي ڀيٽ ۾ فارسي، اردو، پشتو ۽ بلوچي رسم الخط ۾ وڏو فرق اھي. فارسيءَ جو رسم الخط ”نستعليق“ اھي ۽ اھڙي طرح اڙدوءَ جو رسم الخط وري فارسيءَ جي رسم الخط تان ورتل اھي. گويا پوري اسلامي دنيا ۾ عربي رسم الخط وانگر ڪامل علمي رسم الخط فقط سنڌي زبان جو اھي. عربي تعليمي سرشتي جي ڪري عربي زبان جا يارھن (11) اکر (ث، ح، خ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق) سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا. سنڌي سُر آوازن لاءِ حروف علت جون ۽ اعرابن جون نشانيون متعارف ٿيون. اڳتي ھلي سنڌي ٻولي مستقل بنيادن تي عربي رسم الخط جي طرز تي لکجڻ لڳي.


Remember Me Also:

ڪرڙ

ذ. ٻاجهري ۽ ڪڻڪ اڌو اڌ ، گاڏڙ ، گڏ ضد. نِجُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal